حميره نور

حميره نور

حميره نور

حميره نور: مشهور شاعره، ڪالم نويس ۽ سماجي ورڪر حميره نور جو پورو نالو حميره شمس شيخ آهي. سندس والد پروفيسر شمس شيخ ليکڪ ۽ ترقي پسند خيالن جو مالڪ هو. حميره 21 آڪٽوبر 1969ع تي پني عاقل ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي شهر مان حاصل ڪيائين، بعد ۾ سوشيالاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪري، سماجي تنظيمن (NGOs) ۾ ڪم ڪرڻ لڳي. لکڻ جو آغاز 1991ع کان شاعريءَ جي صورت ۾ ڪيائين. هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ ڪالم، ڪهاڻيون ۽ 300 کان مٿي نثري نظم لکي چڪي آهي، جيڪي سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا کيس اي. پي. اين. ايس طرفان ٽي ڀيرا بهترين ڪالم نويس جا اوارڊ مليا آهن. حميره نور ترجمي نگار به آهي، سندس تخليقن جو محور عورتن جا حق، سندن جذبا ۽ سماجي نا انصافيءَ خلاف آواز اٿارڻ رهيو آهي. هن سماجي تنظيمن ۾ گهڻو وقت ٿرپارڪر واري خطي ۾ جاڳرتا لاءِ ڪم ڪندي گذاريو آهي. 1999ع ۾ سندس شادي سماجي اڳواڻ نور محمد بجير سان ٿي.
حــميـره نــور جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’درد جي خوشبو‘ (شاعري (2) ’زائفان ذات‘ (ڪالم: 2006ع)، ۽ (3) ’تون ۽ مان‘ (شاعري) شامل آهن. حميره نور هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ حميره نورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.10.21  عيسوي

مشهور شاعره، ڪالم نويس ۽ سماجي ورڪر حميره نور جو پورو نالو حميره شمس شيخ آهي. سندس والد پروفيسر شمس شيخ ليکڪ ۽ ترقي پسند خيالن جو مالڪ هو. حميره 21 آڪٽوبر 1969ع تي پني عاقل ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ستار سروهي
ڀائي ڌرمداس
ابل اداس ٻٻر
سليمان شاهه لڪياري
سونو خان ملاح:
سيد صدرالدين شاهه
ساحر لڌيانوي
اختر درگاهي
ٽالپر ڪرم
اڪرام ساگر عباسي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون